سنگيتا بجلاڻي

سنگيتا بجلاڻي

سنگيتا بجلاڻي

سنگيتا بجلاڻي: بالي ووڊ جي نامور سنڌي اداڪاره ۽ اڳوڻي ماڊل سنگيتا بجلاڻي 9 جولاءِ 1960ع تي سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو. بعد ۾ سندس مائٽ ڀارت لڏي ويا. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ماڊلنگ کان ڪئي. سنگيتا 1980ع ۾ حسن جو مقابلو کٽي ’مس انڊيا‘ جو خطاب حاصل ڪيو. مس انڊيا جو خطاب ماڻڻ کانپوءِ مشهور ٿي ۽ هن ڪمرشل ماڊلنگ به ڪئي. 1980ع ڌاري هن فلمي دنيا ۾ پير پاتو ۽ سڀ کان پهرين جي. پي دتا جي سپرهٽ فلم ’هٿيار‘ ۾ ڪم ڪيو. 1989ع ۾ هن فلم ’ترديو‘ ۾ ڪم ڪيو، جيڪا پڻ ڪافي مقبول ٿي. هن 1990ع ۾ مهيش ڀٽ جي فلم ’جرم‘ ۾ به اداڪاري ڪئي ۽ فلم فيئر سپورٽنگ ايڪٽريس جو اوارڊ حاصل ڪيو. هن انهن فلمن کانسواءِ ٻين به ڪافي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جن ۾: عزت، يوگاندر، يوڌا، خون ڪا قرض ۽ وشنو ديوا فلم شامل آهن. سنگيتا فلمن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ دور درشن ٽي. وي جي مقبول پروگرام ’رنگولي‘ ۽ زي ٽي. وي جي پروگرام ’چاندني‘ ۾ به ٽائيٽل رول ادا ڪندي رهي. سنگيتا مشهور هندستاني ڪرڪيٽر اظهرالدين سان شادي ڪرڻ کانپوءِ 1995ع ۾ فلمي دنيا کي ڇڏي ڏنو ۽ گهريلو زندگيءَ کي ٽائيم ڏئي رهي آهي.


لفظ سنگيتا بجلاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.07.09  عيسوي

سنگيتا بجلاڻي 9 جولاءِ 1960ع تي سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دليپ ڪوٺارِي
برڪت علي ڀٽ
زين نوراني
سوامي ڪيشوداس مهاراج
هيرو شيوڪاڻي پروفيسر
اعجاز سمون
عبدالغفار صابري
امداد عباس صوفي
بهاول خان عباسي4
ڀائي ڪلاچند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون